آئي ايم مير پڪوان سينٽر
HomeAboutServicesContact Us

آئي ايم مير پڪوان سينٽر: ذائقيدار خواب جي تعبير

آئي ايم مير پڪوان سينٽر جو بنياد هڪ اهڙي خواب تي رکيو ويو، جيڪو محترم امداد علي منڱريو جي دل سان جڙيل هو. سندن خواهش هئي ته هالا شهر ۾ اهڙو معیاري ۽ ذائقيدار پڪوان سينٽر قائم ڪيو وڃي، جيڪو نه فقط وڏن شهرن ۾ موجود کاڌن جي معيار ۽ ذائقي جو مقابلو ڪري، پر ان کان به بهتر ثابت ٿئي. پڪوان جي هر ڊش ۾ خاص ڌيان معيار (کوالٽي) تي ڏنو وڃي ٿو، ڇو ته امداد علي منڱريو پاڻ پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي (PSQCA) ۾ پنهنجي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي — هڪ اهڙو ادارو جيڪو ملڪ اندر تيار ٿيندڙ شين جي معيار جي جانچ ۽ يقيني بڻائڻ لاءِ ذميوار آهي. ان ڪري، آئي ايم مير پڪوان سينٽر تيار ٿيندڙ هر کاڌي ۾ نه صرف ذائقو، پر معيار ۽ صفائي جو خاص خيال رکيو ويندو آهي. هي پڪوان سينٽر صرف هڪ ڪاروبار نه، پر هڪ جذبو، ذميواري ۽ خواب جي تعبير آهي.

"معيار اسان جي ذميواري، ۽ اوهان جو اعتماد اسان جي ڪاميابي"
ٽيم گڏجي ڪم ڪندي

اسان بابت

اسان شادين، وليمن، پارٽين، تهوارن ۽ هر قسم جي دعوتن لاءِ اعليٰ معيار جو کاڌو وڏي محبت ۽ خلوص سان تيار ڪندا آهيون، ته جيئن توهان جي خاص لمحن کي ذائقيدار يادگار بڻائي سگهون.

اسان جي جذبي جي تصوير

اسان جي ڪهاڻي

آئي ايم مير پڪوان سينٽر: جي شروعات ننڍن گهريلو آرڊرن سان ٿي، ۽ اڄ اسان هڪ مڪمل، تيز، ۽ قابلِ اعتماد کاڌي جي سهولت ڏيندڙ ٽيم بڻجي ويا آهيون. اسان صاف صفائي، ذائقيدار ترتيب، ۽ وقت جي پابندي سان اهڙيون خدمتون پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪي نه صرف معيار ۾ بهترين آهن، پر دل کي به وڻندڙ آهن.

اسان جو مشن

اسان جو مشن آهي ته ماڻهن تائين اعليٰ معيار جو کاڌو اهڙي طريقي سان پهچايون، جيڪو کين شهرن جي وڏين هوٽلن جي ٽيسٽ ۽ پيشڪش جي برابر محسوس ٿئي. هر ڊش کي پيار، خلوص، ۽ خاص خيال سان تيار ڪيو ويندو آهي، جيئن ته اها پنهنجي گهر لاءِ تيار ڪئي ويئي هجي. ڇو ته، اسان جي نظر ۾ گراهڪ صرف صارف نه، پر خاندان جا فرد آهن—۽ انهن جو اطمينان ئي اسان جي اصل ڪاميابي آهي